اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ ڪنهن به صورت وفاقي راڄڌاني تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏنو ويندو، جڏهن ته عدالتي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف توهينِ عدالت جي درخواست داخل ڪرائي ويندي.
پريس ڪانفرنس ڪندي محسن نقوي چيو ته اڄ دهشتگردي جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، هڪ طرف شهيدن جا جنازا کنيا وڃن ۽ ٻي طرف ڌرڻن جون تياريون ڪيون وڃن، اهو مناسب ناهي.
گهرو وزير چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هر ممڪن طريقي سان صورتحال کي منهن ڏين. سندس چوڻ هو ته احتجاج ڪرڻو آهي ته پنهنجي علائقي ۽ شهر ۾ ڪيو وڃي، سياسي جلسن ۽ جلوسن ۽ جٿن جي يلغار ۾ فرق هوندو آهي.
محسن نقوي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن احتجاج دوران هڪ به جان ضايع ٿي ته ان جا ذميوار اهي ماڻهو هوندا، جيڪي ماڻهن کي گڏ ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته اپوزيشن اڳواڻن کي به چوان ٿو ته هن ويڙهه مان ڪنهن کي فائدو نه ٿيندو، نقصان ئي نقصان ٿيندو. حڪومت ماضي وانگر اسلام آباد ۾ بدامني پکڙجڻ نه ڏيندي ۽ ڪوشش هوندي ته شهرين کي گهٽ کان گهٽ تڪليف ٿئي.
وفاقي گهرو وزير موجب صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تياري ڪئي وئي آهي ۽ سمورن صوبن سان صلاح مشورو پڻ ڪيو ويو آهي.
محسن نقوي چيو ته خيبرپختونخوا حڪومت جي ذميواري آهي ته قانون تي عملدرآمد يقيني بڻائي ۽ جيڪڏهن احتجاج ڪرڻو آهي ته پرامن احتجاج پنهنجي صوبي ۾ ڪيو وڃي.
ڪنٽينرز بابت ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته هو ذاتي طور تي ڪنٽينرز لڳائڻ جي خلاف آهي، پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ضرورت قرار ڏين ته ڪنٽينرز لڳائڻا پون ٿا.
ٻئي طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 27 سيپٽمبر تي پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ خلاف درخواست تي 37 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت چيو آهي ته اهڙي سرگرمي، جنهن سان شهرين جا بنيادي حق متاثر ٿين، اها آئين جي ڀڃڪڙي تصور ٿيندي ۽ ذميوار شخص کي قانون موجب ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو.
ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف 27 سيپٽمبر تي اسلام آباد طرف لانگ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.


