Focus with Zardari

حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ڦيرڦار جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

 پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 65 پيسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 389 رپيا 14 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ پڻ 88 پيسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 424 رپيا 4 پيسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

پيٽروليم ڊويزن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن سان ڳنڍيل آهن.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment