ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي يونين آف جرنلسٽس (ڪي يو جي) پنهنجي ميمبرن ۽ سندن گهرڀاتين کي علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ خانگي اداري مينٽور ٽي پي اي سان معاهدو ڪري ورتو آهي، جنهن تحت ڪي يو جي فنڊ فراهم ڪندي، جڏهن ته مينٽور ٽي پي اي ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي 300 کان وڌيڪ اسپتالن ۾ ڪي يو جي جي ميمبرن ۽ سندن خاندانن جي علاج جا انتظام ۽ نگراني ڪندو.
ان سلسلي ۾ جمعي ڏينهن مينٽور ٽي پي اي جي آفيس ۾ سادي پر پروقار تقريب ٿي، جتي معاهدي تي ڪي يو جي جي جنرل سيڪريٽري لبنىٰ جرار نقوي ۽ مينٽور ٽي پي اي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سرمد شفيع صديقي صحيحون ڪيون.
تقريب ۾ ڪي يو جي جي صدر اعجاز احمد، نائب صدر محمد ناصر شريف، راهب گاهو، خزانچي ياسر محمود، جوائنٽ سيڪريٽري روبينا ياسمين، مجلس عامله جي ميمبرن محمد سلطان چاڪي سومرو ۽ غلام مصطفىٰ رند سميت مينٽور هيلٿ لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جواد رضوي، هيڊ آف سيلز وقار ڊنڪا، مينٽور ٽي پي اي جي هيڊ آف آپريشنز دانش جليل ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
ان موقعي تي ڪي يو جي جي صدر اعجاز احمد ۽ جنرل سيڪريٽري لبنىٰ جرار ڪي يو جي جي سمورن ميمبرن کي اپيل ڪئي ته هو 15 آڪٽوبر تائين آن لائين فارم ڀري جمع ڪرائين، جيئن کين ۽ سندن خاندانن کي جلد کان جلد هيلٿ ڪارڊ فراهم ڪري سگهجن.


