Focus with Zardari

رولو ڪتن خلاف انوکو احتجاج، مظاهرين انتظامي آفيسر جي آفيس ۾ ڪتا ڇڏي ڏنا

1 Min Read

ناسڪ (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي ضلعي ناسڪ جي نپهاڙ ۾ رولو ڪتن جي مسئلي خلاف مظاهرين انوکو احتجاج ڪندي نگر پنچائت جي چيف آفيسر جي آفيس ۾ ئي ڪتا ڇڏي ڏنا.

مظاهرين چيف آفيسر ڌيرج ڀامري جي آفيس پهتا، جتي يوا سينا جي ضلعي سربراهه وڪرم رانڌاوي ٻوري مان ڪتا ڪڍي آفيسر جي ميز تي ڇڏي ڏنا. ان موقعي تي مظاهرين چيف آفيسر کي نوٽن جا هار پارائڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته رولو ڪتن سبب ٻارن، بزرگن، عورتن ۽ گاڏيون هلائيندڙ ماڻهن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته ڪتن جي چڪ هڻڻ جا واقعا پڻ وڌي رهيا آهن.

مظاهرين الزام لڳايو ته مسئلو خطرناڪ هجڻ باوجود انتظاميا طرفان ان جي حل لاءِ اثرائتي ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment