ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) اتر پاڪستان جي خيبرپختونخوا جي شهر ڪوهاٽ ۾ پوليس هيڊڪوارٽر تي ڌماڪي ۽ فائرنگ جي حملي ۾ مارجي ويلن جو انگ 31 ٿي ويو آهي، جنهن ۾ 16 پوليس اهلڪار پڻ شامل آهن، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن.
پوليس موجب هٿياربند حملي آورن جمعي جي منجهند اولڊ پوليس لائنز ڪمپليڪس تي حملو ڪيو، جتي دهشتگردي ٽوڙ کاتي، اسپيشل برانچ ۽ ٻين پوليس يونٽن جون آفيسون قائم آهن.
پاڪستان خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ وڌندڙ حملن جو ذميوار افغانستان مان ٿيندڙ عسڪريت پسندي کي قرار ڏنو آهي، جڏهن ته ڪابل ۾ طالبان حڪومت انهن الزامن کي رد ڪري ٿي.


