گمبٽ (رپورٽر) گمبٽ واسي صوفي فنڪار فياض جويو نئون ديرو ۾ پسند جو ڪلام نه ڳائڻ تان مبينا تشدد خلاف گمبٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي.
فياض جويو جو چوڻ هو ته هو نئون ديرو ۾ هڪ پروگرام ۾ ويو هو، جتي ڪاشف سولنگي پاران ڪلام جي فرمائش ڪئي وئي، پر ڪلام ياد نه هجڻ سبب محفل کان پوءِ مٿس مبينا تشدد ڪرايو ويو.
هن چيو ته فنڪار پنهنجا ڏک وساري سنڌ جي ماڻهن کي خوش ڪندا آهن، پر بدلي ۾ ڪڏهن فنڪارن تي حملا ۽ تشدد جا واقعا پيش اچن ٿا.
فياض جويو سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس کان معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته محفلن دوران صوفي راڳين سان اهڙي قسم جو ورتاءُ جاري رهيو ته هو مجبورن ڳائڻ بند ڪري ڇڏيندا.


