نوابشاهه (رپورٽر) قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۾ پڙهندڙ ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ شادي خان عالماڻي، ضلعي نوشهروفيروز جي رهواسي نوجوان شاگرد عاقب علي عالماڻي جو لاش هٿ آيو آهي، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي.
ذريعن موجب عاقب علي عالماڻي ڪالهه يونيورسٽي مان گهر واپس ويندي يونيورسٽي گيٽ ڀرسان پراسرار طور گم ٿي ويو هو، جنهن بعد وارثن پاران سندس ڳولا شروع ڪئي وئي.
اڄ وارثن کي عاقب عالماڻي جو لاش هٿ اچڻ جو اطلاع مليو، جنهن تي گهرڀاتن ۾ ڪهرام مچي ويو. نوجوان شاگرد جي موت جا اصل سبب ۽ حالتون اڃا تائين واضح نه ٿي سگهيون آهن، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.


