Focus with Zardari

مٽياري: 15 ورهين جي نينگر سان مبينا زيادتي، 2 ڄڻن خلاف ڪيس، هڪ گرفتار

1 Min Read

مٽياري (رپورٽ: عادل علي خشڪ) مٽياري ٿاڻي جي حد ۾ 15 ورهين جي نينگر منير علي پرهياڙ سان مبينا زيادتي جو واقعو پيش آيو، جنهن جو ڪيس سندس پيءُ فقير محمد پرهياڙ جي فرياد تي 2 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب ڪيس ۾ قلم 377 ۽ 34 PPC تحت نامزد جوابدارن مان ارباب عرف عربي کوسو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻئي جوابدار مشتاق علي کوسو جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

فرياد موجب نينگر رات جو سامان وٺڻ لاءِ ويو هو، جتان جوابدار کيس جکريجا اسٽاپ وٽان چنگچي رڪشا ۾ ويهاري ڪورٽ جي پويان ديون واري جهنگ ۾ وٺي ويا، جتي مبينا زيادتي ڪئي وئي.

پوليس موجب متاثر نينگر جو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال مٽياري مان ميڊيڪل ڪرايو ويو آهي ۽ واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment