Focus with Zardari

شڪارپور: سي اينڊ ايس ڪاليج ڀرسان فائرنگ، نوجوان مارجي ويو

0 Min Read

شڪارپور (رپورٽر) سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو.

پوليس موجب مارجي ويل نوجوان جي سڃاڻپ ثمر علي پٽ علم الدين جسڪاڻي، ڏوڪري واسي طور ٿي آهي.

واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي.

پوليس موجب مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment