ميرپورماٿيلو (رپورٽر) سنڌ جو ناليوارو نوحه خوان استاد شاهد حسين قريشي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. شاهد حسين قريشي کي اڄ صبح دل جو دورو پوڻ بعد علاج لاءِ سکر جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي علاج دوران هو فوت ٿي ويو.
استاد شاهد حسين قريشي جي لاڏاڻي جي خبر پکڙجڻ بعد ميرپورماٿيلو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سوڳ جي فضا ڇانئجي وئي، جڏهن ته سندس هزارين پرستارن ۽ سوين شاگردن پاران ڏک جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
شاهد حسين قريشي گذريل 40 سالن کان نوحه خواني سان وابسته هو ۽ ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ ذڪرِ امام حسين عليه السلام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي. سندس نوحه خواني سان هزارين ماڻهو متاثر ٿيا، جڏهن ته هن ڪيترن ئي شاگردن کي پڻ نوحه خواني جي فن جي تربيت ڏني.


