ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: شاهد بلوچ) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ چاڪرآباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان پوليس اهلڪار ظفر سنجراڻي مارجي ويو.
پوليس موجب هٿياربندن پوليس اهلڪار تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ظفر سنجراڻي گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته جوابدار فائرنگ کانپوءِ فرار ٿي ويا.
مقتول جو لاش سول اسپتال ڪنڌڪوٽ منتقل ڪيو ويو.
وارثن جو چوڻ آهي ته واقعو 2 مهينا اڳ بنگوار برادري جي نوجوان جي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي وڃڻ واري واقعي جي ڪڙي آهي.
وارثن موجب مقتول پوليس اهلڪار ڊيوٽي تان واپس وڃي رهيو هو ته مٿس فائرنگ ڪئي وئي. پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.


