Focus with Zardari

پنوعاقل: گوپانگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 8 کان وڌيڪ ڄڻا زخمي

1 Min Read

پنوعاقل (رپورٽ: منشاد احمد) ڪينٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ آدم گوپانگ ۾ گوپانگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران لٺين ۽ ڪهاڙين جو استعمال ٿيڻ سبب 8 کان وڌيڪ ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ غفار گوپانگ، ساجن، وزير، ذوالفقار، مجيد، پناهه، عمران ۽ شاهنواز شامل آهن. زخمين کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

جهيڙي کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ پکڙجي وئي، جڏهن ته جهيڙي جا سبب سامهون نه اچي سگهيا آهن. پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment