Focus with Zardari

گمبٽ: پراڻي نيشنل هاءِ وي تي ڦر دوران مزاحمت تي ڳوٺاڻو زخمي

1 Min Read

گمبٽ (رپورٽر) خيرپور ڀرسان پراڻي نيشنل هاءِ وي تي محمود شاهه اسٽاپ وٽ اڻڄاتل هٿياربندن موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت تي ڳوٺاڻي شڪيل احمد ڪانڌڙو کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.

هٿياربند ڦورو ڳوٺاڻي کان موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته فائرنگ ۾ زخمي ٿيل شڪيل احمد کي علائقي واسين طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.

واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف جي لهر ڇانئجي وئي، جڏهن ته ڦورن جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران ڪارروائي بابت وڌيڪ تفصيل سامهون نه اچي سگهيا آهن.

Share This Article
Leave a Comment