گمبٽ (رپورٽر) خيرپور واسڻ ميٽرڪ جي شاگردياڻي يسرا جوڻيجو سان مبينا زيادتي ۽ وڊيو رڪارڊ ڪرڻ واري معاملي جو سنڌ وائيس تي آواز اٿڻ بعد ايس ايس پي خيرپور نوٽيس ورتو آهي.
خيرپور پوليس جي ترجمان موجب سرڪار جي فرياد تي پريالوءِ ٿاڻي تي عورت سميت 2 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس ڪارروائي ڪندي مک جوابدار فهد جوڻيجو ۽ مبينا سهولتڪاري ۾ ملوث عورت کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب متاثر شاگردياڻي کي ميڊيڪل چڪاس لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي خيرپور جي ترجمان جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ جوابدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.


