گمبٽ (رپورٽر) ناري تعلقي جي کينهواري ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻيلهاٽي ۾ 5 ورهين جو نديم علي پٽ امين آرادين ڪار اندر ساھ ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويو.
وارثن موجب هو شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ويا هئا، جتي معصوم نديم علي کي ڪار اندر ڇڏي ويا، جنهن دوران مبينا طور ساھ ٻوساٽجڻ سبب سندس موت واقع ٿيو.
واقعي بعد گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته وڌيڪ تفصيل سامهون نه اچي سگهيا آهن.


