ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) شريف آباد ۾ سنڌ گورنمينٽ اسپتال مان 3 ورهين جي عائشه عثمان جي مبينا اغوا واري واقعي کي 36 ڪلاڪ گذري ويا، پر پوليس اڃا تائين ٻارڙي جو پتو لڳائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي.
ٻارڙي جي ناني پوليس کي بيان ڏنو ته عائشه پنهنجي والده ۽ ناني سان گڏ دوائون وٺڻ لاءِ اسپتال آئي هئي. ٻارڙي جي والده گائني وارڊ ۾ چيڪ اپ لاءِ وئي، جڏهن ته ناني دوائن لاءِ قطار ۾ بيٺي هئي.
ناني موجب ان دوران هڪ نامعلوم عورت ٻارڙي کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ ساڻس گڏ وٺي هلي وئي، جنهن کانپوءِ عائشه گم ٿي وئي. واقعي وقت عائشه جي ڀيڻ فاطمه پڻ اتي موجود هئي.
پوليس موجب واقعي جو ڪيس شريف آباد ٿاڻي تي ٻارڙي جي ناني جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان ٻارڙي جي ڳولا جاري آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ موجود هڪ عورت عائشه کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ پوءِ ساڻس گڏ هلي وئي. پوليس طرفان عورت جي سڃاڻپ ۽ ٻارڙي جي موجوده هنڌ بابت جاچ جاري آهي.
عائشه جي والده ٽنڊو آدم مان پنهنجي ماءُ سان ملڻ لاءِ ڪراچي آئي هئي. گم ٿيڻ وقت ٻارڙي ڳاڙهي رنگ جا ڪپڙا پهريل هئا.
پوليس عوام کي اپيل ڪئي آهي ته عائشه بابت ڪنهن به قسم جي معلومات هجي ته شريف آباد ٿاڻي يا مددگار 15 تي فوري اطلاع ڏنو وڃي.


