ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) احسن آباد ۾ فليٽ مان هڪ ئي خاندان جي 5 ڄڻن جا لاش هٿ اچڻ واري واقعي ۾ اهم تفصيل سامهون آيا آهن.
پوليس موجب فوت ٿيل ڊاڪٽر عمر جگر جي ڪينسر ۾ مبتلا هو ۽ هڪ مهينو اڳ اسپتال جي نوڪري تان استعيفيٰ ڏني هئي. ڊاڪٽر عمر جو تعلق پنجاب سان هو، جڏهن ته خاندان جا مالي حالتون به بهتر نه هيون.
پوليس جو چوڻ آهي ته فليٽ ۾ داخل ٿيڻ وقت پنج ئي ڄڻا هڪ ڪمري ۾ چادر ۽ ڪمبل اوڍيل حالت ۾ موجود هئا ۽ سمورا ڄڻا ستل محسوس ٿي رهيا هئا.
پوليس موجب لاش ڪيترائي ڏينهن پراڻا لڳي رهيا آهن، جڏهن ته موت جو اصل سبب اڃا سامهون ناهي آيو. ڪرائم سين يونٽ واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون، جڏهن ته لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.
ايس ايس پي ايسٽ موجب پاڙيسرين مددگار 15 تي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس فليٽ جو دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿي. پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم ۽ ٻين رپورٽن کانپوءِ ئي موت جو حتمي سبب معلوم ٿي سگهندو.


