نوابشاهه (رپورٽر) ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ۾ لنگهه تان گذرڻ جي معمولي ڳالهه تان ڀنگوار ۽ خوجا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
علائقي واسين موجب جهيڙي جي شروعات ٻارن جي معمولي ڳالهه تان ٿي، جيڪا بعد ۾ ٻنهي ڌرين وچ ۾ جهيڙي جي صورت اختيار ڪري وئي. جهيڙي دوران ڀنگوار برادريءَ جا 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ جعفر علي ڀنگوار، علي رضا ڀنگوار ثاقب ڀنگوار واجد ڀنگوار پرويز ڀنگوار ۽ ٻيا شامل آهن. سمورن زخمين کي فوري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ٻئي ڌريون پاڙيسري آهن ۽ معاملي کي وڌيڪ وڌائڻ بدران گڏيل رضامندي سان حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.


