Focus with Zardari

ڀرياسٽي: فائرنگ ۾ زخمي عورت جو وڊيو بيان، ڀاءُ ۽ چاچي سميت ٻين تي الزام

1 Min Read

ڀرياسٽي (رپورٽر) ٽي ڏينهن اڳ فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عورت آست سولنگي جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو آهي. زخمي عورت پنهنجي ڀاءُ رجب، چاچي ۽ ٻين ڀائرن تي گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪرڻ جو الزام هنيو آهي.

آست سولنگي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هٿياربند گهر ۾ داخل ٿي ننڊ ۾ هجڻ دوران مٿس فائرنگ ڪئي، جنهن دوران گولي سيني ۾ لڳڻ سبب هوءَ زخمي ٿي. سندس چوڻ آهي ته هن 8 مهينا اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو ۽ هن وقت 3 مهينن جي ڳورهاري آهي.

زخمي عورت الزام هنيو ته فائرنگ دوران سندس مڙس الطاف سولنگي کي به گولي هڻي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کيس تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پوليس موجب واقعي ۾ ملوث هجڻ جي شڪ ۾ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. پوليس جو چوڻ آهي ته فريادي ڌر جي اچڻ کانپوءِ ڪيس داخل ڪيو ويندو.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment