Focus with Zardari

خيرپور: بجلي بند هجڻ دوران ميٽر ۽ تارون چوري، شهرين ۾ ڳڻتي

1 Min Read

خيرپور (رپورٽر) خيرپور شهر ۾ ڏوهارين پاران مبينا طور انوکي چوري جون وارداتون شروع ڪيون ويون آهن، جتي رات جي وقت بجلي بند هجڻ جو فائدو وٺندي بجلي جا ميٽر ۽ تارون پٽي چوري ڪيون پيون وڃن.

ذريعن موجب وچ شهر جي وڏي علم محلي، ڀرڳڙي ۽ ٻين علائقن مان بجلي جون تارون پٽي چوري ڪرڻ جا واقعا سامهون آيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته چوري ڪيل تارون پٽي انهن مان ڪوائل ڪڍي ڪٻاڙين کي وڪرو ڪيو ويندو آهي.

شهرين جو چوڻ آهي ته بجلي بند هجڻ دوران چور آساني سان وارداتون ڪن ٿا، جنهن سبب علائقي واسين ۾ ڳڻتي پکڙيل آهي. شهرين مطالبو ڪيو آهي ته بجلي جون تارون چوري ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري چوري جون وارداتون روڪيون وڃن.

Share This Article
Leave a Comment