Focus with Zardari

خيرپور: اسڪردو ۾ بارودي سرنگ ڦاٽڻ سبب شهيد ٿيل پاڪ فوج جي جوان جي تدفين

1 Min Read

خيرپور (رپورٽر) اسڪردو ۾ ڊيوٽي دوران بارودي سرنگ ڦاٽڻ سبب شهيد ٿيل پاڪ فوج جي 13 سنڌ رجمينٽ جي نائيڪ ثناءُالله راڄپر جو مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ پيروز حاجي راڄپر آندو ويو.

شهيد جي جنازي نماز محمدي عيدگاهه گڏيجي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ کيس سرڪاري اعزاز سان اباڻي قبرستان گڏيجي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

ان موقعي تي پاڪ فوج جي آفيسرن برگيڊيئر جميل، ڪرنل اظهر، ڪئپٽن احسن، ڪئپٽن سميع الله ۽ ٻين جوانن شهيد ثناءُالله راڄپر جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ کين اعزاز، ايوارڊ ۽ گلدستا پيش ڪيا.

Share This Article
Leave a Comment