ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اورنگي ٽائون جي مومن آباد واري علائقي ۾ 18 ورهين جي نئين شادي شده عورت کي مبينا طور سندس ڀاءُ غيرت جي نالي تي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
مومن آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او شبير يوسف موجب مقتول عورت زرقا بيبي 3 هفتا اڳ پنهنجي مرضي سان شادي ڪري مڙس سان گڏ رهڻ شروع ڪيو هو. پوليس موجب زرقا جي وارثن کيس ڳوليو ۽ رسمي شادي جي تقريب ڪرائڻ جي بهاني واپس گهر وٺي آيا.
پوليس موجب زرقا آچر ۽ سومر جي وچ واري رات والدين جي گهر پهتي، جتي سندس ڀاءُ سفير خان مبينا طور فائرنگ ڪري کيس قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. مقتولا جو لاش قانوني ڪارروائي لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
ٻئي طرف ڪراچي جي نارتھ ناظم آباد واري علائقي ۾ سومر جي شام مبينا طور هوائي فائرنگ دوران لڳل گولي 3 ورهين جي ٻار کي لڳي، جنهن سبب هو زخمي ٿي پيو. زخمي ٻار کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.


