ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) بڊاڻي ويجهو هوران بنگوار پتن وٽ هلندڙ ٻيڙي مان 4 ورهين جو ٻار سنڌو درياهه ۾ ڪري پيو. ٻار جي سڃاڻپ گل ولد وحيد بنگوار طور ڪئي وئي آهي.
وارثن موجب ٻار ٻين گهرڀاتين سان گڏ ڳوٺ کان شهر وڃي رهيو هو، ان دوران هو ٻيڙي مان سنڌو درياهه ۾ ڪري پيو. واقعي کانپوءِ وارثن پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻار جي ڳولا شروع ڪئي، پر ڪافي ڪوششن باوجود هن وقت تائين سندس ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي.
وارثن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته ٻار جي ڳولا لاءِ فوري طور ريسڪيو ٽيمون موڪليون وڃن ۽ سنڌو درياهه ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ٻار کي ڳولڻ لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن.


