شڪارپور (رپورٽر) خانپور تعلقي ۾ بدامني جو سلسلو جاري، خانپور روڊ تي هٿياربندن تنگواڻي واسي ڊاڪٽر رياض ملڪ ۽ آصف ملڪ کي روڪي موبائل فون، روڪ رقم، پاسپورٽ ۽ ويزا ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
متاثرن موجب هو تنگواڻي کان ڪراچي ۽ اتان سعودي عرب وڃڻ لاءِ روانا ٿيا هئا ته ٽن هٿياربندن ڪار کي اڳ ڏئي روڪي ڦر ڪئي. واقعي خلاف متاثرن ۽ شهرين پاران احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون.
متاثر ڊاڪٽر رياض ملڪ ۽ آصف ملڪ مطالبو ڪيو آهي ته ڦر ڪيل پاسپورٽ ۽ ويزا واپس ڪرائي ڏنا وڃن، کين ٻيو ڪجهه نه به ملي ته گهٽ ۾ گهٽ پاسپورٽ ۽ ويزا ضرور واپس ڏياريا وڃن.


