شڪارپور (رپورٽ: عتيق ڌڪڙ) شڪارپور ۾ سفيد پوشي جي آڙ ۾ مبينا طور منشيات جو ڪاروبار ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي اينٽي نارڪوٽڪس فورس (ANF) ايمبولينس مان 49.400 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
اينٽي نارڪوٽڪس فورس موجب گذريل مهيني سکر ۾ شڪارپور روڊ تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران ايمبولينس جي ڳجهن خانن ۾ مهارت سان لڪائي رکيل منشيات هٿ ڪئي وئي. هٿ آيل منشيات ۾ 36 ڪلوگرام چرس ۽ 13.400 ڪلوگرام آئس (ميٿ ايمفيٽامين) شامل آهي.
ڪارروائي دوران بين الصوبائي منشيات اسمگلنگ گروهه جي اهم ڪارندي لياقت علي ميمڻ ولد حاجي ڌڻي بخش ميمڻ، رهواسي شڪارپور کي گرفتار ڪيو ويو. ابتدائي اطلاعن موجب منشيات بلوچستان مان سنڌ اسمگل ڪئي پئي وئي.
ترجمان ANF موجب گرفتار جوابدار خلاف انسدادِ منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. انٽيليجنس نيٽ ورڪ ذريعي منشيات اسمگلنگ بابت اطلاع ملڻ کانپوءِ مسلسل نگراني ۽ حڪمت عملي تحت ڪارروائي ڪئي وئي.
اينٽي نارڪوٽڪس فورس جو چوڻ آهي ته ايمبولينس جو منشيات اسمگلنگ لاءِ استعمال ٿيڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي، جڏهن ته ڪارروائي منشيات جي اسمگلنگ خلاف جاري مهم جو حصو آهي.


