Focus with Zardari

ڄامشورو: انڊس هاءِ وي تي مسافر وين اونڌي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي

1 Min Read

ڄامشورو (رپورٽ: باسط ملاح) مانجھند ڀرسان انڊس هاءِ وي تي خاڻوٺ ويجهو زمي ڳوٺ وٽ ڄامشورو کان دادو ويندڙ مسافر وين جو ٽائر ڦاٽڻ سبب حادثو پيش آيو، جنهن دوران وين اونڌي ٿي پئي.

حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته عورتن ۽ مردن سميت 10 مسافر زخمي ٿي پيا، جن مان ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

حادثي کي هڪ ڪلاڪ گذرڻ باوجود ريسڪيو عملو واقعي واري هنڌ نه پهتو، جنهن سبب مقامي ڳوٺاڻن پوليس جي مدد سان پنهنجي مدد پاڻ تحت زخمين کي وين مان ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو.

زخمين کي تعلقا اسپتال مانجھند پهچايو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي، جنهن بعد سمورن زخمين کي وڌيڪ علاج لاءِ لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو.

- Advertisement -

ريسڪيو عملي جي بروقت نه پهچڻ تي مقامي ماڻهن ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته حادثي وقت امدادي عملي جي غير موجودگي سبب کين پنهنجي مدد پاڻ تحت امدادي ڪارروائيون ڪرڻيون پيون.

Share This Article
Leave a Comment