Focus with Zardari

فيض گنج: پڇڙي ۾ پاڻي کوٽ، اڳوڻي ايم پي اي پاران آبپاشي نظام تي ڳنڀير الزام

3 Min Read

فيض گنج (ويب ڊيسڪ) فيض گنج جي پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ بابت اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر فريق ٻانڀڻ الزام لڳايو آهي ته پڇڙي تائين پاڻي نٿو پهچي، جڏهن ته مبينا طور منڍ وارن علائقن ۾ پاڻي وڪرو ڪيو وڃي ٿو ۽ آبپاشي نظام ۾ مقرر ماهوار رقمون مٿي تائين پهچن ٿيون.

ڊاڪٽر فريق ٻانڀڻ موجب پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي لاءِ سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ته منڍ وارن علائقن ۾ مبينا طور پاڻي وڪرو ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته آبپاشي نظام ۾ من پسند آفيسر مقرر ڪيا وڃن ٿا ۽ مبينا طور هاڻي هفتي جي بنياد تي به رقمون وٺڻ جون ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن.

اڳوڻي ايم پي اي دعويٰ ڪئي ته انتظاميا طرفان ميرواهه جي پورجڻ جو موقف اختيار ڪيو وڃي ٿو، پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ميرواهه پورجي ويو آهي ته ان کي کولڻ ۽ صاف ڪرائڻ جي ذميواري ڪنهن جي آهي. سندس چوڻ موجب ڪجهه آفيسر اڪيلائي ۾ ملاقات دوران پاڻ کي مجبور قرار ڏين ٿا ۽ مبينا طور پئسا وٺڻ جي ڳالهه به ڪن ٿا.

ڊاڪٽر فريق ٻانڀڻ چيو ته سٺي انتظاميا ۽ ڪرپشن کان پاڪ نظام ذريعي پاڻي جي کوٽ جو مسئلو حل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته ميرواهه تي عملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن آبپاشي کاتي جي آفيسرن جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريندي الزام لڳايو ته ڪجهه آفيسر مبينا طور ذاتي فائدو حاصل ڪرڻ سان گڏ سياسي ماڻهن کي به فائدو پهچائين ٿا.

- Advertisement -

سندس دعويٰ موجب آبپاشي نظام ۾ مبينا ڪرپشن وڏي پيماني تي موجود آهي ۽ اهڙي صورتحال رڳو فيض گنج تائين محدود نه پر سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به نظر اچي ٿي. هن چيو ته جيڪي آبادگار پاڻي جي کوٽ سبب متاثر ٿين ٿا، انهن جي دانهن مٿي تائين نٿي پهچي، ڇاڪاڻ ته مبينا طور جن هنڌن تي رقمون پهچن ٿيون، اتي کان شڪايتون سامهون نٿيون اچن.

اڳوڻي ايم پي اي وڌيڪ الزام لڳايو ته ڪجهه آفيسر مبينا طور پئسا ڏئي پنهنجون مقرريون ڪرائين ٿا ۽ پوءِ ماهوار رقمون وصول ڪن ٿا، اهڙي صورتحال ۾ ڪارروائي ڪير ڪندو؟ هن مطالبو ڪيو ته آبپاشي کاتي جي بجيٽ مبينا طور هڙپ ڪرڻ بدران ميرواهه جي صفائي ۽ بحالي تي خرچ ڪئي وڃي، جيئن فيض گنج جي پڇڙي تائين پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي.

Share This Article
Leave a Comment