سکر (رپورٽر) ڪشمور واسي پيرسن عورت مائي شهزادي جکراڻي ٻن مقتول پٽن جي قاتلن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ٻاهران احتجاج ڪندي دانهيو آهي.
مائي شهزادي جکراڻي موجب سندس 2 پٽ 26 ورهين جو فوجي غلام مرتضيٰ ۽ 27 ورهين جو محمد شريف ولد عبداللطيف جکراڻي کي 11 مارچ 2023ع تي مال پڙي ڏهرڪي وٽ برادري جي ويجهن مائٽن مبينا طور گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو.
پيرسن عورت موجب واقعي جو ڪيس ڏهرڪي ٿاڻي تي غلام ياسين جکراڻي، ارباب علي، غلام علي جکراڻي ۽ ٻين جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو، جڏهن ته سندس دعويٰ آهي ته پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بعد مبينا رشوت وٺي آزاد ڪري ڇڏيو.
هن وڌيڪ چيو ته پوليس ڪيس جو چالان ايڊيشنل سيشن جج ڏهرڪي جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن ۾ جوابدارن کي روپوش ڄاڻايو ويو آهي، پر سندس ٻن پٽن جي قتل کي 3 سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.
مائي شهزادي جکراڻي ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هن وڪيل شبير بوزدار معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي. هن عدالت کان مطالبو ڪيو ته سندس ٻن پٽن جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪرائي قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي.


