Focus with Zardari

مستونگ: سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 9 دهشتگرد مارجي ويا

1 Min Read

مستونگ (رپورٽر) بلوچستان ۾ آپريشن ردالفتنہ 3 تحت سيڪيورٽي فورسز جون مبينا دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب مستونگ جي ڪنڪ وادي واري علائقي ۾ فتنة الخوارج سان لاڳاپيل دهشتگردن سيڪيورٽي چوڪي تي حملي جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي فورسز فوري ڪارروائي ڪئي.

سيڪيورٽي ذريعن موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته فرار ٿيندڙ دهشتگردن جو پيڇو ڪندي وڌيڪ 7 دهشتگردن کي به ماريو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان 3 موٽرسائيڪلن سميت وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو آهي.

فائرنگ جي ڏي وٺ دوران سيڪيورٽي فورسز جو هڪ اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيو، جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

- Advertisement -

سيڪيورٽي فورسز موجب بلوچستان مان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون.

Share This Article
Leave a Comment