نوابشاهه (رپورٽر) ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد رينج فيصل بشير ميمڻ غير قانوني عمل ۽ فرض ۾ مبينا غفلت تي سخت نوٽيس وٺندي رينج جي 3 ضلعن شهيد بينظيرآباد، نوشهرو فيروز ۽ سانگهڙ جي 14 پوليس اهلڪارن کي فوري طور معطل ڪري پوليس لائينز بئڪ بائونڊ ڪري ڇڏيو.
معطل ٿيل اهلڪارن ۾ ضلعي شهيد بينظيرآباد جا PC شوڪت علي (580)، DPC اشرف علي (1762)، PC سجاد علي (3770)، PC مشتاق علي (315)، PC حسن مصطفيٰ (3255)، PC قربان علي (335) ۽ PC وقار علي (3095) شامل آهن.
ضلعي نوشهرو فيروز جا PC عامر خان (129)، PC وحيد علي جيسر (2878)، PC اياز علي (3235)، PC رياض احمد راڄپر (2180) ۽ HC مير حسن ڪلهوڙو (2073) پڻ معطل ڪيا ويا آهن.
جڏهن ته ضلعي سانگهڙ جا HC الياس (2347) ۽ PC بشير احمد (1321) به معطل ٿيل اهلڪارن ۾ شامل آهن.
ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد رينج ٽنهي ضلعن جي ايس ايس پيز کي هدايت ڪئي آهي ته معطل اهلڪارن کي فوري طور شوڪاز نوٽيس جاري ڪري، سندن خلاف شفاف جاچ ڪرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.


