نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان گڏيل قومن آڏو واضح ڪيو آهي ته ايران فوجي طاقت جي دٻاءَ اڳيان هٿيار ڦٽا نه ڪندو، پر تڪرار جي خاتمي لاءِ سفارتڪاري تي يقين رکي ٿو.
نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي مسعود پزشڪيان چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي حملا ڪيا، اسپتالن ۽ اسڪولن کي به نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ايران پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪري رهيو آهي.
ايراني صدر عالمي برادري جي مبينا ٻٽي معيار تي تنقيد ڪندي چيو ته اسرائيل تي پابندين بدران ايران تي پابنديون لاڳو ڪيون وڃن ٿيون.
هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن تي ردعمل ڏيندي چيو ته ڌمڪيون ۽ خطرا ايراني قوم کي وڌيڪ متحد ڪن ٿا.
ايران جي صدر آبنائي هرمز بابت چيو ته ان کي ايران خلاف استعمال ٿيندڙ هٿيارن جي ترسيل لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏنو ويندو.
ايراني صدر جي خطاب دوران آمريڪي وفد جنرل اسيمبلي جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ويو.


