Focus with Zardari

زمين تي مبينا قبضي خلاف ملير ۾ احتجاج، تشدد جو الزام

1 Min Read

ملير (رپورٽ: شاهد ڇڄڙو) لاڙڪاڻي ڀرسان ڏوڪري ۾ زمين تي مبينا قبضي خلاف ملير ۾ احتجاج ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ خدا بخش چانڊيو پنهنجي چاچن ۽ مامن تي مبينا مارڪٽ ۽ تشدد ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي.

خدا بخش چانڊيو جو چوڻ آهي ته بشير چانڊيو، فرمان چانڊيو، لالو چانڊيو، رانجهن چانڊيو ۽ ڄام چانڊيو مبينا طور سندس زمين تي قبضو ڪيو آهي، جڏهن ته زمين جي معاملي تان کيس تشدد جو نشانو بڻائي، مبينا طور ٻانهن ڀڃي گهر کان ٻاهر ڪڍيو ويو.

خدا بخش چانڊيو الزام لڳائيندي چيو ته ”منهنجي پنهنجي زمين تي قبضو ڪري مون سان ظلم ڪيو ويو آهي.“ هن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته زمين تي مبينا قبضي ۽ تشدد واري معاملي جو نوٽيس وٺي، زمين تان مبينا قبضو ختم ڪرائي کيس انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي، ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment