اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان آرمي جي رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود ٽن ملڪن تي ٻڌل مڪه دفاعي اتحاد جي پهرين سيڪريٽري جنرل جي ذميواري سنڀالي ورتي آهي.
اتحاد ۾ شامل ٽنهي ملڪن گذريل مهيني فيصلو ڪيو هو ته ان جي سيڪريٽريٽ جي سربراهي پاڪستان جي نامزد ڪيل نمائندي حوالي ڪئي ويندي.
رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود لاءِ هي ذميواري ان اتحاد جي شروعاتي ۽ اهم مرحلي ۾ اچي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته اتحاد اڃا پنهنجي اداري جي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ جي مرحلي ۾ آهي.
سندس فوري ذميواري رياض ۾ اتحاد جي اداري واري نظام کي جوڙڻ، ٽنهي ملڪن وچ ۾ رابطي کي بهتر بڻائڻ ۽ سياسي فيصلن کي عملي سلامتي جي انتظامن ۾ تبديل ڪرڻ هوندي.
ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود جو تعلق بلوچ رجمنٽ سان آهي. هو سيپٽمبر 1987ع ۾ پاڪستان آرمي ۾ شامل ٿيو.
هن ڪوئيٽا جي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج، مصر جي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ۽ اسلام آباد جي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي، جڏهن ته وار اسٽڊيز ۾ ماسٽرز جي ڊگري پڻ رکي ٿو.
سندس فوجي ڪيريئر جو وڏو حصو ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ۾ گذريو، جتي هن مختلف تدريسي ذميواريون انجام ڏيڻ کانپوءِ چيف انسٽرڪٽر طور به خدمتون سرانجام ڏنيون.
ميجر جنرل جي حيثيت سان هن اتر وزيرستان ۾ انفنٽري ڊويزن جي ڪمانڊ به ڪئي، جتي پاڪستان فوج ڪيترن ئي سالن کان دهشتگردي خلاف آپريشنز ۾ مصروف رهي.
ان کانپوءِ سندس ذميواريون ميدان جنگ کان انٽيليجنس جي شعبي ڏانهن منتقل ٿيون، جتي کيس انٽر سروسز انٽيليجنس، يعني آءِ ايس آءِ، جي ايناليسز ڊائريڪٽوريٽ جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو.
آءِ ايس آءِ ۾ سندس ذميواري ۾ پرڏيهي ملڪن جي صورتحال جو قومي سلامتي جي نقطه نظر کان جائزو وٺڻ شامل هو. ان دوران کيس پرڏيهي انٽيليجنس ادارن سان رابطن جو تجربو پڻ حاصل ٿيو.
اپريل 2019ع ۾ کيس ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي ۽ جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ ڪميونيڪيشنز اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو انسپيڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو.ساڳئي سال ڊسمبر ۾ کيس پشاور منتقل ڪري يارهين ڪور جي ڪمانڊ سونپي وئي
.سندس ڪور ڪمانڊر واري دور ۾ پاڪستان جي اولهه واري سرحد تي صورتحال انتهائي حساس هئي. ان وقت آمريڪا افغانستان مان پنهنجي فوج واپس ڪڍڻ جي تياري ڪري رهيو هو، جڏهن ته پاڪستان سرحد تي باڙ لڳائڻ جو عمل اڳتي وڌائي رهيو هو ۽ افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال سبب پيدا ٿيندڙ سلامتي جي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو هو.
ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود نومبر 2021ع ۾ يارهين ڪور جي ڪمانڊ ڇڏي، جنهن کانپوءِ کيس اسلام آباد جي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو صدر مقرر ڪيو ويو.
هو نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو 35هون سربراهه رهيو ۽ اپريل 2023ع ۾ فوج مان رٽائر ٿيو.
هاڻي سندس فوجي ڪيريئر جو تجربو هڪ نئين ذميواري ۾ ڪم ايندو، جتي کيس فوجي ڪمانڊ، افغانستان سرحد جي سلامتي، انٽيليجنس تجزئي، پرڏيهي رابطن ۽ قومي سلامتي بابت تعليم ۽ حڪمت عملي جي تجربي کي نئين دفاعي اتحاد جي اداري جي جوڙجڪ لاءِ استعمال ڪرڻو پوندو.
مڪه دفاعي اتحاد جي پهرين سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان نعمان محمود لاءِ سڀ کان اهم مرحلو هاڻي اهو هوندو ته ٽنهي ملڪن جي سياسي فيصلن کي هڪ منظم ۽ عملي دفاعي تعاون ۾ ڪيئن تبديل ڪيو وڃي.


