Focus with Zardari

سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي ناصر محمود سومرو جي سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد

2 Min Read

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي اڳواڻ ناصر محمود سومرو سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي سنڌ حڪومت ۽ پوليس کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته سڄي سنڌ باهه ۾ وڪوڙجي چڪي آهي ۽ ماڻهن جي جان ۽ مال محفوظ ناهي.

سنڌ وائيس جي پروگرام سنڌ مارننگ ۾ ڳالهائيندي ناصر محمود سومرَي جو چوڻ هو ته 18 سالن کان پيپلزپارٽي اقتدار ۾ آهي، پر عوام کان روزگار کسڻ کانپوءِ هاڻي ماڻهن جون جانيون به محفوظ ناهن رهيون. هن چيو ته جنهن لاڙڪاڻي جي صدقي پيپلزپارٽي گذريل 18 سالن کان حڪومت ڪري رهي آهي، اتي امن امان جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي، هي واقعو سنڌ حڪومت جي منهن تي چماٽ آهي.

هن چيو ته قبائلي تڪرارن جو نالو ڏئي معمولي معاملو پيش ڪيو وڃي ٿو، جيڪا بدقسمتي آهي. سوال اهو آهي ته قبائلي جهيڙا خوني ڇو ٿا ٿين، ماڻهو پڪا گهر ڇڏي ڪچي ۾ ڇو ٿا رهن، هٿيار ڇو کڻن ٿا ۽ ڌاڙيل ڇو ٿا ٿين؟ انهن سوالن جا جواب سنڌ حڪومت، پيپلزپارٽي ۽ پوليس کي ڏيڻو پوندو.

ناصر محمود سومرو چيو ته سنڌ ۾ بهترين ۽ سٺا پوليس آفيسر موجود آهن، پر کين سسٽم ۾ پنهنجي طريقي سان ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي. سندس دعويٰ هئي ته پوليس آفيسرن تي سياسي اثر رسوخ آهي ۽ پيپلزپارٽي جي سردارن، ڀوتارن، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي سامهون پوليس جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي.

- Advertisement -

هن وڌيڪ چيو ته اڄ اهي آفيسر ڪرسين تي ويٺل آهن، جيڪي عوام کان جيئڻ جو حق کسي رهيا آهن ۽ کين امن امان قائم ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي ناهي.

Share This Article
Leave a Comment