شڪارپور (رپورٽر) نيو فوجداري ٿاڻي جي حد منير آباد ڪالوني جو رهواسي نائين ڪلاس جو شاگرد محمد ابراهيم پٽ غلام مصطفيٰ جعفري مبينا طور اغوا ٿي ويو آهي، جڏهن ته سندس موبائل فون جي آخري لوڪيشن ڪوئيٽا ۾ ظاهر ٿيڻ جو وارثن پاران دعويٰ ڪيو ويو آهي.
شاگرد جي چاچي غلام قادر جعفري موجب محمد ابراهيم روزانو قادر بخش لائبريري پڙهڻ لاءِ ويندو هو. گذريل ڏينهن به هو معمول موجب صبح جو 10 وڳي ڌاري گهران نڪتو، پر منجهند تائين واپس نه موٽيو، جنهن بعد وارثن پاران ڳولا ڪئي وئي ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو.
غلام قادر جعفري ٻڌايو ته پوليس جي مدد سان نوجوان جي فون نمبر جي آخري لوڪيشن معلوم ڪئي وئي، جيڪا ڪوئيٽا ۾ ظاهر ٿي. سندس چوڻ موجب محمد ابراهيم پنهنجي دوست عامر چاچڙ کي واٽس ايپ تي وائيس ميسيج موڪليو، جنهن ۾ مبينا طور ٻڌايو ته کيس نيو فوجداري روڊ تي المقصود شادي هال وٽان ڪيري گاڏي ۾ اغوا ڪيو ويو.
وائيس ميسيج ۾ نوجوان مبينا طور چيو ته اغوا ڪندڙن سندس منهن تي ڪپڙو وجهي نشي جي انجيڪشن لڳائي، جنهن بعد کيس بيهوش ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو. وارثن موجب نوجوان جو موبائل نمبر ڪڏهن آن ته ڪڏهن بند ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته سندن ڪال به وصول نه ڪئي پئي وڃي.
وارثن مطالبو ڪيو آهي ته پوليس محمد ابراهيم کي جلد بازياب ڪرائي ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. وارثن موجب نوجوان اصل خانپور ڀرسان يوسي پير بخش شجراع جي ڳوٺ چاڪر خان جعفري جو رهواسي آهي.


