خيرپور (رپورٽر) ڳوٺ ڪوڙو خان ميتلو ۾ مڙس غلام سرور ميتلو مبينا طور پنهنجي زال کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد پاڻ کي به فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي.
فائرنگ جي نتيجي ۾ 48 ورهين جي مسمات مريم مارجي وئي، جڏهن ته غلام سرور ميتلو سخت زخمي ٿي پيو.
واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته مڙس جي حالت ۽ واقعي جا مڪمل سبب معلوم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ جاچ جاري آهي.


