حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ڪوھسار واري علائقي ۾ رولو ڪتي جي حملي ۾ سخت زخمي ٿيل 7 ورهين جي نينگري ابيها فوت ٿي وئي آهي. ابيها 5 سيپٽمبر تي لال ڪوارٽرز ڀرسان والد سان گڏ قرآن جي سبق تان واپس اچي رهي هئي ته رولو ڪتي مٿس حملو ڪيو.
ڪتي نينگري جي مٿي تي سخت چڪ هنيا، جنهن سبب هوءَ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪئي وئي. کيس پهريان ڪوھسار اسپتال ۽ بعد ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس سرجري پڻ ڪئي وئي.
جماعت اسلامي ڪوھسار زون جي عهديدار عبد القيوم راجپوت موجب نينگري جي مٿي تي زخم انتهائي گهرا هئا ۽ مبينا طور ڪتي جو ڏند سندس کوپڙي ۾ ڦاسي ويو هو. ابيها کي تجويز ڪيل ويڪسين لڳرائي وئي ۽ علاج جاري هو، پر بعد ۾ بخار اچڻ کانپوءِ هوءَ گهر ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي.
هلندڙ سال حيدرآباد ۾ ڪتي جي چڪ جي نتيجي ۾ ٻار جي فوت ٿيڻ جو هي ٻيو واقعو آهي. ان کان اڳ 6 ورهين جو محمد ريان لطيف آباد ۾ 5 جولاءِ تي رولو ڪتي جي چڪ جو شڪار ٿيو هو، جيڪو 31 جولاءِ تي مبينا طور ريبيز جون علامتون ظاهر ٿيڻ بعد فوت ٿي ويو.
ٻن ٻارن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ حيدرآباد ۾ رولو ڪتن جي وڌندڙ انگ ۽ رهائشي علائقن ۾ ڪتن جي ٽولن جي موجودگي بابت شهرين ۾ ڳڻتي وڌي وئي آهي.


