پريالوءِ (رپورٽر) پريالوءِ ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ ڦرن ۽ بدامني خلاف دڪاندارن تنوير احمد بلوچ، سندر مل ۽ منير احمد بلوچ جي اڳواڻي ۾ سکر-پيرڳوٺ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.
مظاهرين بدامني خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته پريالوءِ ۾ ڏينهن رات ڦر جون وارداتون معمول بڻجي ويون آهن، پر پوليس ڏوهارين خلاف اثرائتي ڪارروائي نه ڪري رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته دڪاندارن کان ڦر ڪيل رقم، موبائل فون ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي بدامني جو خاتمو آندو وڃي.
احتجاج دوران روڊ تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون. اطلاع تي پريالوءِ پوليس ۽ ايس ايڇ او پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ ٻن ڏينهن اندر ڏوهارين جي گرفتاري ۽ ڦر ڪيل سامان جي واپسي جي خاطري ڪرائڻ بعد روڊ کولرايو.


