ڄامشورو (رپورٽ: باسط ملاح) چاوڙا ڳوٺ ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريندڙ ٽيم تي رولو ڪتن حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ليڊي پوليو ورڪر زخمي ٿي پئي.
پوليو ٽيم ٻارن کي ڦڙا پيارڻ ۾ مصروف هئي ته اوچتو رولو ڪتن ليڊي پوليو ورڪر تي حملو ڪيو.
واقعي جي اطلاع تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڙي عبدالشڪور سولنگي زخمي پوليو ورڪر کي فوري طور اسپتال منتقل ڪرايو.
اسپتال ۾ ليڊي پوليو ورڪر کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي، جنهن بعد کيس گهر روانو ڪيو ويو.


