گمبٽ (رپورٽر) گمبٽ تعلقي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شاگردن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. اڳڙا شهر ۾ راضي ديرو کان اڳڙا پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ اسڪولي شاگردن سميت سياسي ۽ سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
مظاهرين جو چوڻ هو ته اڳڙا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي، ڏينهن هجي يا رات، ڏوهي وارداتون معمول بڻجي ويون آهن، جنهن سبب شهري سخت پريشان آهن.
مظاهرين چيو ته پوليس امن امان بحال ڪرائڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي، سنڌ حڪومت سختي سان نوٽيس وٺي علائقي ۾ امن بحال ڪرائي ۽ شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.


