Focus with Zardari

نوابشاهه: سڱاوتي تڪرار تان  سئوٽ هٿان نوجوان قتل

1 Min Read

نوابشاهه ( رپورٽ: اي ڪي ڏاهري ) نوابشاهه جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ڀنگوار ڪالوني ۾ مبينا  سڱاوتي تڪرار تان سوٽ هٿان 25 ورهين جو نوجوان گولي لڳڻ سبب قتل ٿي ويو.

پوليس موجب، فائرنگ جي نتيجي ۾ سينگار علي ولد گل محمد مراسي سيني ۾ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پيپلز ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو ويو.

اسپتال ۾ علاج دوران سينگار علي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. نوجوان جو لاش پيپلز ميڊيڪل اسپتال جي مرده خاني ۾ رکيو ويو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

حد جي پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي، پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدار بابت وڌيڪ معلومات گڏ ڪري رهي آهي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment