پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي پي ٽي آءِ جو اسلام آباد طرف لانگ مارچ 4 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سهيل آفريدي چيو ته سياسي ڪميٽي ۾ سمورن معاملن تي مشاورت کانپوءِ لانگ مارچ 4 آڪٽوبر تي پشاور کان روانو ڪرڻ جو فيصلو متفقه طور ڪيو ويو آهي.
سهيل آفريدي وفاقي حڪومت جي قدمن تي تنقيد ڪندي چيو ته رستا بند ڪرڻ ۽ ڪنٽينر لڳائڻ سان سياسي جدوجهد روڪي نٿي سگهجي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي جدوجهد آئيني ۽ قانوني بالادستي لاءِ آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته خيبرپختونخوا جي سرحدن تي رستا بند ڪرڻ ۽ صوبائي حڪومت جي چونڊيل نمائندن خلاف ڪارروائين سان صوبو باقي ملڪ کان ڪٽڻ جو تاثر پيدا ٿي رهيو آهي.
وڏي وزير چيو ته لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ سياسي حڪمت عملي آهي ۽ 4 آڪٽوبر تي نڪرندڙ ڪارڪن ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ نه هوندا. هن وڌيڪ چيو ته لانگ مارچ کانپوءِ به ڳالهين جو رستو کليل رهندو.


