سکر(عبدالغفور شيخ) سيڪنڊ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جاويد ميراڻي ۽ سندس ڪٽنب مٿان سيشن ڪورٽ سکر جي مک گيٽ تي ٿيل حملي خلاف ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڪيلن احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو.
وڪيلن سيشن ڪورٽ جو مک گيٽ بند ڪري احتجاج ڪيو ۽ حملي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.
وڪيلن جو چوڻ هو ته جج جاويد ميراڻي ۽ سندس ڪٽنب کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.


