Focus with Zardari

نوابشاهه: قائد عوام يونيورسٽي جي شاگرد عاقب عالماڻي جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، جوابدار دوست گرفتار

1 Min Read

نوابشاهه(رپورٽ: اي ڪي ڏاهري) قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه جي مقتول شاگرد عاقب علي عالماڻي جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس مبينا قاتل ۽ مقتول جي دوست اشفاق علي بروهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ٺاروشاهه واسي نوجوان شاگرد عاقب علي عالماڻي جي قتل ڪيس ۾ تعلقي ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪندي اشفاق علي بروهي پٽ اعجاز علي بروهي کي گرفتار ڪيو.

پوليس جي شروعاتي ڄاڻ موجب جوابدار اشفاق علي بروهي دوستي جي بنياد تي عاقب علي عالماڻي کي دوکي سان پاڻ سان گڏ وٺي ويو، جتي يونيورسٽي ڀرسان باغ ۾ کيس مبينا طور قتل ڪيو ويو.

پوليس مقتول شاگرد جي آءِ فون موبائل، واردات ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل ۽ قتل ۾ استعمال ٿيل اوزارن بابت پڻ جاچ ڪري رهي آهي.

- Advertisement -

پوليس موجب گرفتار جوابدار اشفاق علي بروهي خلاف مقتول جي والد حاڪم علي عالماڻي جي فرياد تي تعلقي ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي.

Share This Article
Leave a Comment