Focus with Zardari

ايس ايڇ او ٽنڊومستي سميت 19 پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

1 Min Read

خيرپور ( رپورٽ: ممتاز ميمڻ ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خيرپور جي عدالت ٽنڊومستي ٿاڻي جي ايس ايڇ او، ڪولاب جيئل پوليس چوڪي جي انچارج سميت 19 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت اهو حڪم ٽنڊومستي جي رهواسي عبدالڪريم جتوئي پاران داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي دوران جاري ڪيو.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ڄاڻايل پوليس عملدار بغير ڪنهن وارنٽ جي سندس گهر ۾ داخل ٿيا ۽ چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو.

درخواست ۾ الزام لڳايو ويو ته پوليس اهلڪار گهر مان روڪ رقم، چوپايو مال ۽ ٻيو قيمتي سامان پڻ کڻي ويا.

- Advertisement -

درخواستگذار طرفان ايس ايڇ او ٽنڊومستي حسين بخش کرل، ڪولاب جيئل پوليس چوڪي جي انچارج سخي ناريجو، پوليس اهلڪارن رياض شيخ، ذاڪر تنيو ۽ غازي جتوئي سميت 15 اڻڄاتل ماڻهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي.

درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خيرپور جي عدالت ڄاڻايل پوليس عملدارن ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

Share This Article
Leave a Comment