ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وليڪا اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي متاثر ٻارن جو انگ وڌي 169 تائين پهچي ويو آهي. اسپتال ذريعن موجب اسڪريننگ ۽ ٽيسٽن دوران متاثر ٻارن جي انگ ۾ مسلسل اضافو رپورٽ ٿي رهيو آهي.
صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايڇ آءِ وي متاثر ٻارن ۽ سندن خاندانن لاءِ 5 ميڊيڪل بورڊ قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 142 متاثر ٻارن جي ميڊيڪل بورڊ ۾ رجسٽريشن مڪمل ٿي چڪي آهي. 109 ٻارن جا بئنڪ اڪائونٽ کوليا ويا آهن، جڏهن ته انڊومينٽ فنڊ مان 76 متاثر خاندانن کي 2 مهينن جي مالي مدد منتقل ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب دستاويز نامڪمل هجڻ ۽ بينظير ڪارڊ جي مسئلن سبب 34 متاثر خاندان اڃا تائين مالي امداد جا منتظر آهن. اسپتال جي رڪارڊ ۾ ايڇ آءِ وي سبب 2 فوتگيون درج آهن، جڏهن ته ذريعن موجب مجموعي طور 9 ٻارن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي. فوت ٿيل ٻارن جا خاندان پڻ انڊومينٽ فنڊ جي مالي مدد کان محروم آهن، جن جي امداد جو معاملو ايندڙ اجلاس ۾ غور هيٺ آڻڻ جو امڪان آهي.


