Focus with Zardari

اسلام آباد: ايف بي آر جي پاليسين خلاف 30 سيپٽمبر تي ملڪ گير طبي هڙتال جو اعلان

2 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن (PMA) ايف بي آر جي پاليسين خلاف 30 سيپٽمبر تي ملڪ گير هڙتال ۽ طبي سهولتون بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ جي خانگي اسپتالن ۽ طبي ادارن پاران به هڙتال ۾ شرڪت جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پي ايم اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر عبدالغفور شورو چيو آهي ته طبي برادري ايف بي آر پاران صحت جون خدمتون ريٽيل سيلز ۾ شامل ڪرڻ ۽ خانگي اسپتالن تي پوائنٽ آف سيل (POS) سسٽم لاڳو ڪرڻ کي رد ڪري ٿي. سندس چوڻ هو ته صحت جون خدمتون عوامي سهولت آهن، تجارتي شين جي وڪري جو ڪاروبار نه آهن.

هن دعويٰ ڪئي ته ملڪ جي صحت جون 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ضرورتون خانگي اسپتالون پوريون ڪري رهيا آهن ۽ اهي باقاعدگي سان انڪم ٽيڪس پڻ ادا ڪن ٿا. ڊاڪٽر شورو موجب ٽيڪس اختيارين پاران ڏنڊ، خانگي اسپتالن تي ڇاپن ۽ مبينا طور هراسان ڪرڻ سبب طبي ادارن کي سخت آپريشنل مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

پي ايم اي موجب سمورن صوبن جي قيادت سان مشاورت کانپوءِ ملڪ گير هڙتال تي اتفاق ڪيو ويو آهي ۽ 30 سيپٽمبر تي سمورن صوبن ۾ طبي ادارا مڪمل طور بند رکڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

- Advertisement -

پي ايم اي وفاقي حڪومت ۽ ايف بي آر کان POS سسٽم جي شرط واپس وٺڻ، ڏنڊ ختم ڪرڻ، اسپتالن تي ڇاپا بند ڪرڻ ۽ طبي شعبي جي اهم ڪردار کي تسليم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment