Focus with Zardari

دادو: پريس ڪلب جي ڇت جو ڇاپڙ ڪرڻ سبب 7 صحافي زخمي

1 Min Read

دادو (رپورٽ: اي بي خوشڪ) دادو پريس ڪلب ۾ جنرل باڊي اجلاس دوران ڇت جو پلستر اوچتو ڪرڻ سبب 7 صحافي زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

زخمين ۾ ستار شيخ، شيراز ملاح، علي گل، سجاد، نديم ۽ محرم سميت 7 صحافي شامل آهن. زخمين کي اسپتال منتقل ڪري طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

ڇت جو پلستر ڪرڻ واري واقعي کانپوءِ پريس ڪلب جو جنرل باڊي اجلاس ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪيو ويو. واقعي سبب پريس ڪلب ۾ موجود صحافين ۾ ڳڻتي پکڙجي وئي.

Share This Article
Leave a Comment