ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نقيب الله قتل ڪيس ۾ 7 جوابدارن جي بريت جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت شعيب شوٽر، اڳوڻي ايس ايڇ او امان الله مروت، گدا حسين، صداقت حسين، رياض احمد، راجا شميم ۽ محسن عباس کي ثبوت نه هئڻ جي بنياد تي بري ڪري ڇڏيو.
تفصيلي فيصلي موجب استغاثه جوابدارن خلاف سڌي اکين ڏٺي شاهدي پيش نه ڪري سگهيو، جڏهن ته شاهدن عدالت ۾ موجود جوابدارن کي اغوا ڪندڙن طور سڃاڻپ به نه ڪئي. شاهدن تاوان جي رقم جي گهر يا ادائيگي جو به ڪو ذڪر نه ڪيو.
عدالت قرار ڏنو ته جاچ آفيسر آڏو جوابدارن جا مبينا اعترافي بيان قانوني طور قابلِ اعتماد شاهدي ناهن، جڏهن ته پوليس آفيسر آڏو اعترافِ جرم قانون تحت قابلِ قبول ناهي.
فيصلي موجب جوابدارن خلاف سڌي شاهدي موجود نه هجڻ سبب استغاثه الزام شڪ کان مٿانهون ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، تنهنڪري کين شڪ جو فائدو ڏنو ويو. عدالت وڌيڪ چيو ته اهم شاهدن جون شاهديون جوابدارن کي ڏوهن سان ڳنڍڻ لاءِ ڪافي ناهن.
تفصيلي فيصلي موجب موجوده جوابدارن خلاف اڳوڻو مجرماڻو رڪارڊ به پيش نه ڪيو ويو. نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻو ايس ايس پي ملير رائو انوار سميت 18 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار اڳ ئي بري ٿي چڪا آهن


