Focus with Zardari

پنشن سڌارن لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان 50 ڪروڙ ڊالر قرض وٺڻ جو منصوبو

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت پنشن نظام ۾ سڌارن لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان 50 ڪروڙ ڊالر قرض وٺڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي، جيڪو پاڪستاني ڪرنسي ۾ لڳ ڀڳ 138 ارب 48 ڪروڙ رپين جي برابر آهي.

نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب هن منصوبي کي ”ٽرانسفارمنگ پبلڪ سيڪٽر پنشن پروگرام“ جو نالو ڏنو ويو آهي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان ورتو ويندڙ 50 ڪروڙ ڊالر جو پروگرام لون ٽن سالن لاءِ هوندو، جنهن ۾ 15 ڪروڙ 92 لک ڊالر جي ٽيڪنيڪل مدد پڻ شامل آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پروگرام هڪ نومبر 2026ع کان شروع ٿي نومبر 2029ع ۾ مڪمل ٿيندو.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب نئون قرض پروگرام پنشن سڌارن جي نتيجن سان ڳنڍيل هوندو. موجوده پنشن نظام قومي خزاني تي وڏو مالي بار بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت جو ساليانو پنشن بل 1169 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي.

- Advertisement -

حڪومت جو موقف آهي ته پنشن نظام ۾ سڌارن ذريعي مستقبل ۾ مالي بار کي گهٽائڻ ۽ نظام کي وڌيڪ پائيدار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment